1997ع ۾ آريٽفيشل انٽيليجنس جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو جڏهن IBM جو سپر ڪمپيوٽر ڏيٺ بليو دنيا جي بهترين رانديگر گيري ڪاسپاروف کي شطرنج جي راند ۾ شڪست ڏني. اهو پهريون موقعو هو جڏهن هڪ ڪمپيوٽر انساني چیمپئن کي شطرنج ۾ هارائي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا ڪمپنيون بار بار پاسورڊ بدلائڻ جو مشورو ڇو ڏين ٿيون؟ ان جو مقصد صارفين جي آن لائن سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ آهي. جيئن ته هئڪرز ۽ ٻيا نقصان پهچائڻ وارا ماڻهو هميشه ئي نون طريقن سان صارفين جي اڪائونٽس تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن، ان ڪري ڪمپنيون اسان جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ اهي قدم کڻنديون آهن. اهو سمجھو ته هڪ ئي پاسورڊ استعمال ڪرڻ سان اسان جو اڪائونٽ وڌيڪ خطري ۾ اچي سگهي ٿو. هڪ دفعو جيڪڏهن ڪو پاسورڊ ليڪ ٿي وڃي، ته حملو ڪندڙن لاءِ بار بار ساڳئي پاسورڊ ذريعي اسان جي اڪائونٽ تائين پهچڻ آسان ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ، وقت به وقت پاسورڊ بدلائڻ سان اسان جي اڪائونٽ تي حملو ٿيڻ جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا. گهڻو ڪري، ماڻهو سادي ۽ مختصر پاسورڊ چونڊيندا آهن جيڪي آساني سان اندازو لڳايا سگھجن ٿا، جهڙوڪ "123456" يا "password." اهو ڪجھ هئڪرز لاءِ ڏکيو ناهي. ان ڪري، نوان ۽ مضبوط پاسورڊ استعمال ڪرڻ نه صرف سوشل ميڊيا، پر سڀني آن لائن اڪائونٽس لاءِ لازمي آهي. سوشل ميڊيا ڪمپنيون استعمال ڪندڙن کي بهترين سيڪيورٽي تجويزون ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا آزماينديون آهن. هنن جي لاءِ اها اه...
تبصرے