اشاعتیں

سسٽم سافٽور ۽ اپليڪشن سافٽور

تصویر
 اڪثر ڪري ٻار توڙي وڏن کي سسٽم سافٽور ۽ اپليڪشن سافٽور ۾ منجهارو ٿيندو آھي؛ اڪثر استاد اسڪو۾ ٻارن کي رٽو هڻائندا آهن؛ تہ هي سسٽم سافٽور آهي، هي اپليڪشن سافٽور آهي؛ وري اهي ٻار انھن کي پيا ياد ڪندا آهن. جڏهن انھن کان سوال ڪنداسين تہ منجهي پوندا آهن، مان توهان کي ٻڌايان ٿو؛ جيڪو سسٽم سافٽور آهي؛ سمجهو تہ ٻوٽا پنهنجي کاڌو پاڻ ٺاهندا آهن پر اسان انسان نہ، انھن ٻوٽن تي باڻيو ٿا، پر ٻوٽا آزاد کاڌي ۾، اھڙي ريت سسٽم سافٽور آزاد آهن، پر اپليڪشن سافٽور آزاد ناهن. توهان فزڪس ۾ مان سمجهايا ٿو، جئين فزڪس ۾ فنڊامٽلي يونٽ ۾ SI يونٽ جيڪو پوري سسٽم يونٽ جو بنياد آهي ان ئي آهي مان Volume,N, J وغيره ٺاهن ٿا اهي ئي آزاد آهن ،اھڙي ريت سسٽم سافٽور اپليڪشن آزاد آهي؛ ان کان بغير ڪمپيوٽر توڙي موبائل هلندو ئي نہ؛ هاڻي اچو ٿا اپليڪشن سافٽور تي، اهي هن ريت جئين Volume, N and J اهي صرف مخصوص ڪم لاءِ آهن. جئين فسبڪ رابطي لاءِ، يوٽيوب ويڊيو لاءِ. سسٽم سافٽور آزاد آهن پر اپليڪشن سافٽور آزاد ناهن، ڪجھ مشهور سسٽم سافٽور ونڊو، لنڪس ۽ انڊوريئڊ وغيره اپليڪشن سافٽور فسبڪ، يوٽيوب، گئلري وغيره.

اسان پهڙاهيو ويندو آهي تہ "ڪمپيوٽر يا Computer" ڇا صرف انگن جي ٻولي کي سمجھ آهي؟ اکرن نہ!

تصویر
اڪثر ڪري اسڪولن ۾ ٻارن کي اهو سمجهايو ويندو آهي تہ ڪمپيوٽر صرف ئي صرف انگن/عددن،کي پڙهندو آهي، بلڪ اهو نہ صرف غلط آهي بلڪ ٻارن کي غلط پڙهيون ويندو آهي، حقيقت ڇا آهي ڪمپيوٽر صرف "0 ۽ 1" سمجھ جن انگريزي ۾ "بانئري ڪوڊ" چوندا آهيون ان کان اڳ اهو سمجھڻ گھرجي تہ "0 ۽ 1" جي معنيءِ ڇا آهي؟ 0 معنيءِ آف/بند ۽ 1 معنيءِ آنِ/چالو. مثال وٺو ڪو ماڻھو موبائل ۾ Keyboard ۾ ٽائيپ ڪري ٿو "Ah" تہ اهو ئي ان جي دماغ/ميمري نہ پڙهندو نہ ئي پنهنجي سسٽم ۾ محفوظ ڪندو بلڪِ اهو ان کي بانئري ۾ پڙهندو ۽ محفوظ ڪندو جئين اسان جو بانئري ڪنڊو تہ هي نڪرندو "A = 01000001, h =1100" اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي تہ ڀلي اسان A ننڍو هجي يا وڏو ان جو بانئري الڳ ٿيندو بلڪِ ڪي بورڊ ۾ جيڪي نشانيون آهن "/ , <, >" etc ان جا بانري آهن. "احسان عبد"

ڇا توهان کي خبر آهي تہ سوشل ميڊيا ڪمپني پاسورڊ کي بار بار بدلائڻ جو مشورو ڇو ڏيندا آهن؟

تصویر
  سوشل ميڊيا ڪمپنيون بار بار پاسورڊ بدلائڻ جو مشورو ڇو ڏين ٿيون؟ ان جو مقصد صارفين جي آن لائن سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ آهي. جيئن ته هئڪرز ۽ ٻيا نقصان پهچائڻ وارا ماڻهو هميشه ئي نون طريقن سان صارفين جي اڪائونٽس تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن، ان ڪري ڪمپنيون اسان جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ اهي قدم کڻنديون آهن. اهو سمجھو ته هڪ ئي پاسورڊ استعمال ڪرڻ سان اسان جو اڪائونٽ وڌيڪ خطري ۾ اچي سگهي ٿو. هڪ دفعو جيڪڏهن ڪو پاسورڊ ليڪ ٿي وڃي، ته حملو ڪندڙن لاءِ بار بار ساڳئي پاسورڊ ذريعي اسان جي اڪائونٽ تائين پهچڻ آسان ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ، وقت به وقت پاسورڊ بدلائڻ سان اسان جي اڪائونٽ تي حملو ٿيڻ جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا. گهڻو ڪري، ماڻهو سادي ۽ مختصر پاسورڊ چونڊيندا آهن جيڪي آساني سان اندازو لڳايا سگھجن ٿا، جهڙوڪ "123456" يا "password." اهو ڪجھ هئڪرز لاءِ ڏکيو ناهي. ان ڪري، نوان ۽ مضبوط پاسورڊ استعمال ڪرڻ نه صرف سوشل ميڊيا، پر سڀني آن لائن اڪائونٽس لاءِ لازمي آهي. سوشل ميڊيا ڪمپنيون استعمال ڪندڙن کي بهترين سيڪيورٽي تجويزون ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا آزماينديون آهن. هنن جي لاءِ اها اه...

ڇا توهان جي ڊيٽا DNA ۾ محفوظ ڪري سگهجي ٿو؟

تصویر
  ها سائسندانن ھڪ اھڙي ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪا انٽرنيٽ جي ڊيٽا کي توهان جي جسم جي خاني DNA ۾ محفوظ ڪري سگهي ٿي. مستقبل ۾ توهان جي DNA ۾ ڊجيٽل ڊيٽا اسٽوريج ٿي سگهي ٿو!

ڪجهہ ويب سائيٽن تي پاسورڊ لکو تہ اهو *** اسٽارز يا نقطن ۾ ڇو تبديل ٿي ويندو آھي؟ پاسورڊ اسٽارز جا مقصد

تصویر
  ڪجهہ ويب سائيٽن تي پاسورڊ لکو تہ اهو *** اسٽارز يا نقطن ۾ تبديل تي ويندو آهي. ان جو مقصد آهي تہ توهان جي ڀرپاسي ويٺل ماڻهو توهان جو پاسورڊ نہ ڏسي سگهن. اها ٽيڪنڪ سيڪيورٽي لاءِ اهم آهي، پر ڪيترا ماڻهو ان کي غور ۾ نٿا وٺن.

شطرنج ۽ AI

تصویر
 1997ع ۾ آريٽفيشل انٽيليجنس جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو جڏهن IBM جو سپر ڪمپيوٽر ڏيٺ بليو دنيا جي بهترين رانديگر گيري ڪاسپاروف کي شطرنج جي راند ۾ شڪست ڏني. اهو پهريون موقعو هو جڏهن هڪ ڪمپيوٽر انساني چیمپئن کي شطرنج ۾ هارائي ڇڏيو.

انٽرنيٽ جو وزن ڪيترو آهي؟

تصویر
 توهان کي خبر آهي تہ انٽرنيٽ جو وزن ڪيترو آهي؟ محققن جو اندازو آهي تہ سڄي دنيا جي انٽرنيٽ جو وزن تقريبا هڪ اسٽرابيري جيترو آهي! ڊيٽا جي اليڪٽرانن جي حرڪت تمام ٿوري آهي، ان ڪري انٽرنيٽ جو مادي وزن حيرت انگيز حد تائين گھٽ آهي.